زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻيل پنجاب جي ننڍي چونڊ

0
145
ڇا عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي ؟

  وزير اعظم شهباز شريف پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آھي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو حتمي فيصلو 15 جولاءِ يعني جمع ڏينهن شام دير تائين ٿي ويندو. سوال هي آھي ته وزير اعظم کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو ڪجھه ڏينهن اڳ اعلان ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي آھي؟ ان سوال جو سادو ۽ سولو جواب اهو آھي ته وزير اعظم کي اهڙو ڪجھه ڏينهن اڳ اعلان ڪرڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي جي 20 تڪن تي ٿندڙ چونڊن مجبور ڪيو آھي. وزير اعظم جي اعلان کانپوءِ اهو ته طئه ٿي ويو آھي ته 15 جولاءِ تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي، پر گهٽتائي ڪيتري ٿيندي اهو واضح 15 جولاءِ واري شام دير تائين ٿي ويندو ته حڪومت آءِ ايم ايف کي به راضي ڪندي في ليٽر پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ تي اضافي پنج پنج روپيا ليوي لڳائي ٿي يا هن ڀيري آءِ ايم ايف بهادر جي پرواهه ڪرڻ بجاءِ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ٿيل گهٽتائي جو عوام کي مڪمل فائدو ۽ رليف مهيا ڪري ٿي. اطلاع آھن ته حڪومت آءِ ايم ايف بهادر کي به راضي ڪرڻ ۽ عوام کي به رليف ڏيڻ جو سوچي رهي آھي.

مطلب ته حڪومت آءِ ايم ايف سان پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪس لڳائڻ جو جيڪو واعدو ڪيو آھي اهو به پاڙيندي ۽ باقي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل قيمتن ۾ ٿيل لاٿ جو عوام کي فائدو ڏيندي پر ڪجھه ماڻهو اهي دليل به ڏئي رهيا آھن ته پنجاب اسيمبلي جي تڪن تي ٿيندڙ چونڊن ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ تيل قيمتن ۾ ٿيل لاٿ جو مڪمل فائدو اهو چئي حڪومت عوام کي ڏئي سگهي ٿي ته جولاءِ مهيني ۾ ليٽر تي جيڪا ليوي لڳائڻ جو آءِ ايم ايف سان واعدو ڪيو ويو هو اهو پهرين جولاءِ تي واعدو پورو ڪيو ويو آھي ڏسجي ته حڪومت ائين ڪري ٿي يا نه پر پنجاب جي عوام جو ڌيان پاڻ طرف ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت هڪ سو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آھي. اعلان به پنجاب جي ضمني چونڊن کي سامهون رکي ڪيو ويو آھي، ڀلي اليڪشن ڪميشن ان تي عملدرآمد چونڊن تائين ملتوي ڪري ڇڏي پر ن ليگ ان اعلان سان جيڪو سياسي فائدو حاصل ڪرڻ پئي چاهيو اهو فائدو حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي.

نه رڳو مسلم ليگ ن پر پي ٽي آءِ سربراه عمران خان به پنجاب جي ضمني چونڊ کٽڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو آهي. عمران خان ديوار سان لڳائڻ تي سڀ راز عوام سامهون آڻڻ جي به ڌمڪي ڏني آھي. عمران خان اها چونڊ کٽڻ لاءِ نه مينهن ڏٺو آھي نه واءُ ان ڀرپور چونڊ مهم هلائي آھي. ائين مريم نواز به عمران خان وانگر چونڊ مهم ڀرپور نموني هلائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي آھي. ان چونڊ جي اهميت جو اندازو ان مان لڳايو ته وفاقي وزيرن، صوبائي وزيرن چونڊن تائين عهدا ڇڏي ڏنا آھن ته جيئن چونڊ مهم هلائي سگهن. ڏسجي ته پنجاب جي ضمني چونڊ عمران خان ۽ ان سان گڏ طاقتور ڌرين جو به امتحان آھي ته مسلم ليگ ن ۽ مرڪز ۾ قائم اتحادي پارٽين ۽ نيوٽرلز جو به امتحان آھي. هي ضمني چونڊ بظاهر ته پنجاب اسيمبلي جي سيٽن تي ٿي رهي آھي، جنهن جي نتيجن بعد تخت لاهور جو فيصلو ٿيندو پر پنجاب جي ضمني چونڊن جا نتيجا ملڪي سياسي منظر نامي کي تبديل ڪري سگهن ٿا.

پهريان ته تخت لاهور طرف اچون ٿا پنجاب ۾ سادي اڪثريت جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ 186 ميمبرن جي ضرورت آھي، پر هن وقت مسلم ليگ ن وٽ پنجاب اسيمبلي اندر اتحادين سميت ڪل 178 ميمبر آھن مطلب ته مسلم ليگ نواز کي پنجاب جي 20 تڪن تي ٿيندڙ چونڊن مان اگر اٺ سيٽون به مليون ته ن ليگ تخت لاهور جي بادشاهي پنهنجي نالي ڪري سگهي ٿي. شرط رڳو اهو آھي ته هن وقت جيڪي حڪومتي اتحاد ۾ شامل آھن اهي ن ليگ سان برقرار رهي سگهن جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ اتحادي ق ليگ جا پنجاب اسيمبلي ۾ ڪل ميمبر 173 آھن مطلب ته پي ٽي آءِ کي پنجاب جو تخت پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ 20 سيٽن مان گهٽ ۾ گهٽ 14 سيٽون کٽڻيون آھن. مطلب ته ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي ن ليگ کان وڌيڪ سيٽون کڻڻيون آھن جيڪو عمل ڀلي ناممڪن نه هجي پر مشڪل ضرور آھي. ان جو هڪ سبب ته پي ٽي آءِ جي مقابلي ۾ ن ليگ آھي، مٿان وري پيپلزپارٽي جي يوآءِ جي ڌار حصو وٺڻ سان جيڪي ووٽ ضايع ٿي پئي سگهيا اهي به هاڻي ضايع نه ٿي سگهندا ڇو ته انهن اتحادي پارٽين ن ليگ اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي. مٿان پنجاب جي حڪومت به ن ليگ وٽ آھي مرڪز جي حڪومت به ن ليگ وٽ آھي.

چونڊ مهم جي جلسن ۾ عمران خان جي ڪيل تقريرن کي ڏسجي ٿو ته عمران خان هڪ ته اليڪشن ڪميشن مٿان ڌانڌلي ڪرڻ جا چونڊ کان اڳ ئي الزام هڻي رهيو آھي. ٻيو عمران خان اهو به چئي رهيو آھي ته امپائر به ن ليگ وارن سان آھن پر انهن ڳالهين ڪرڻ باوجود عمران خان اهو به چئي رهيو آھي ته ضمني چونڊن ۾ ن ليگ کي شڪست ڏيندا سين. عمران خان امپائرن کي هاڻي ڇو ايترو ڪمزور سمجهي رهيو آھي جن امپائرن جي آڱر مٿي کڄڻ جو ڊي چوڪ ۾ ڌرڻي وقت بار بار ذڪر ڪندو هو، عمران خان سمجهي ٿو ته پنجاب اسيمبلي جي 20 تڪن تي ٿيندڙ چونڊن جي سياسي طور تمام وڏي حيثيت آھي، اگر عمران خان انهن سيٽن مان اڪثر سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري وٺي ٿو ته نه رڳو تخت لاهور عمران خان جي حوالي ٿيندو پر تخت لاهور ذريعي عمران خان ن ليگ جي مرڪزي حڪومت کي نستو ۽ ڪمزور به ڪري سگهي ٿو ۽ ائين عمران خان جي جيڪا جلد ۽ فوري چونڊون ٿيڻ واري خواهش آھي اها به پوري ٿي سگهي ٿي. ڇو ته تخت لاهور حاصل ڪرڻ بعد عمران خان اگر جلد چونڊون ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ته پوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پنجاب صوبي اندر روڪي نه سگهبو ۽ نه ئي اسلام آباد طرف اچڻ کان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪڻ لاءِ پنجاب پوليس جي مرڪز کي نفري ملي سگهندي.

مرڪزي حڪومت اسلام آباد ۾ رينجزر ۽ ايف سي کي مقرر ڪري سگهي ٿي پر اگر پي ٽي آءِ فيض آباد وٽ اچي ويهي رهي ته  اتي مرڪزي حڪومت جو ڪيئن حڪم هلي سگهندو؟ جڏهن پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي! اهو ئي سبب آھي ته اگر پي ٽي آءِ پنجاب ۾ ضمني چونڊن وارو معرڪو ماري وجهي ٿي ته جلد چونڊون ٿيڻ جا به امڪان پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ مرڪز ۾ موجود اتحادي پارٽين جي حڪومت جي سموري پلاننگ لڙهي ويندي ۽ انهن اتحادي پارٽين کي ايترو سياسي نقصان ٿيندو جنهن نقصان تي شايد انهن پارٽين کي سالن تائين پڇتائڻو پوندو. نه رڳو ايترو اگر پي ٽي آءِ ضمني چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري وٺي ٿي ته جلد چونڊن لاءِ جيڪا افراتفري پيدا ٿيندي، ان سان ملڪي معاشي صورتحال ايتري خراب ٿي سگهي ٿي جو عوام مٿان جيترو بار پئجي چڪو آھي اوترو بار به پئجي سگهي ٿو. ملڪي معاشي حالتون ڪنهن حد تائين پهچنديون ان جو شايد ڪو ڪاٿو به نه لڳائي سگهي پر اگر ن ليگ ضمني چونڊن ۾ 10 سيٽون حاصل ڪري ورتيون ته نه رڳو تخت لاهور ن ليگ وٽ ايندو پر عمران خان جي فوري چونڊن واري خواهش به شايد ئي پوري ٿي سگهي. پوءِ هي حڪومت باقي رهيل مدت به پوري ڪري سگهندي ۽ جيڪا آڪٽوبر يا نومبر ۾ اهم مقرري ٿيڻي آھي اها به ٿي ويندي. ان ڪري پنجاب ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ رڳو تخت لاهور نه پر ملڪي سياسي منظرنامي جو به فيصلو ڪندي. اهو ئي سبب آھي جو ڌريون هنن چونڊن کي زندگي موت جو مسئلو سمجهي رهيون آھن. ڇو ته هنن چونڊن ۾ ن ليگ ۽ انهن جي اتحادين ۽ پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين جي سياسي زندگي ۽ موت جهڙي حيثيت رکن ٿيون ان ڪري چونڊ وارو ڏينهن پر امن نموني گذارڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي غيرمعمولي بندوبست ڪرڻو پوندو.