رحمت بدران زحمت بڻجي ويل برساتون

0
135
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سڄي دنيا ۾ برساتون يا مينهن خدا تعاليٰ جي رحمت هوندا آهن. برساتن سان پاڻي ملندو آهي، پاڻي زمينون سرسبز بڻائيندو آهي، ان سان خوشحالي ايندي آهي ۽ خوشحال معاشرا وري انسانيت جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندا آهن. اهڙي طرح هي هڪ چڪر هوندو آهي جيڪو ڦري سري وري به ان جاءِ تي پهچندو آهي ته انسانيت جو ڀلو ڪيئن ڪجي ۽ ڪهڙي ريت ماڻهن کي خوشحال بڻائجي، اهو ئي هن ڪائنات جو فطرتي اصول به آهي. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ برساتون ماڻهن جي خوشي جو سبب بڻجنديون آهن پر اها ڳالهه آهي خوشحال ۽ سڌريل ملڪن جي جن ۾ اسان جو ۽ اسان جهڙا ٻيا ملڪ ۽ اسان جي معاشري جهڙا معاشرا شامل نه هوندا آهن. اسان وٽ برسات پوي يا بلڪل نه پوي ٻنهي صورتن ۾ عذاب ۾ عام ماڻهو اچي ويندو آهي جيئن هن ڀيري عيد ۽ ان کان اڳ شروع ٿيل برساتي سلسلي کانپوءِ نظر اچي رهيو آهي. نه رڳو اسان جي ملڪ پر ڀرپاسي جي ملڪن ۾ به اهائي صورتحال آهي، اصل ۾ جن به ملڪن ۾ عوام بدران ٻين شين تي سيڙپ ٿيندي ته اتي ائين ئي ٿيندو.

اسان وٽ ٽن ڏينهن کان برسات هئي هاڻ وري اڄ کان يا سڀاڻي کان وڏو مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ٿيل آهي. ان سلسلي ۾ خبرون آهن ته هنن برساتن ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ان ڏس ۾ آفتن ۽ برساتن ۾ بحالي جي ڪمن لاءِ جوڙيل صوبائي اداري پي ڊي ايم اي چيو آهي ته سومر ڏينهن ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين شهرن ۾ برسات دوران مختلف حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا، 14 ڄڻا ڪراچي، ٺٽي ۾ 9، خيرپور ۾ 2 ۽ سکر ۾ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، ڪراچي جي علائقن اورنگي ٽائون ۽ ڪورنگي ۾ برساتي نالا پاڻي سان ڀرجي ويا، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڊفينس، شاهراهه فيصل، يونيورسٽي روڊ، نيپا چورنگي ۽ قيوم آباد چورنگي جي روڊن تي ڪيترائي فٽ پاڻي بيٺل هو. سنڌ جي ٻين شهرن مان به انتظاميا اڃا تائين پاڻي نيڪال ڪرائي نه سگهي آهي. هڪ طرف ته اهو آزار آهي ٻئي طرف وري وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي جو هڪ ٻيو مضبوط سسٽم 14 کان 18 جولاءِ دوران سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ڄامشوري، دادو، سانگهڙ، عمرڪوٽ، نوشهري فيروز، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، گهوٽڪي، سکر، خيرپور، شڪارپور، قمبرشهدادڪوٽ، ڪشمور ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي جي ڏکڻ پاسي عربي سمنڊ مٿان ڪڪر ٺهي رهيا آهن، جيڪي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز برسات وسائي سگهن ٿا، جنهن سان هيٺين علائقن ۾ ٻوڏ جو به خطرو آهي. لاڳاپيل اختياريون چوڪس رهن ۽ ضروري قدم کڻن. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪرڻ جون دعوائون ته ڪيون آهن ۽ وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جون ڊيوٽيون به لڳايون ويون آهن ته اهي انتظامن جو جائزو وٺن، ڪجهه جاين تي اهو موجود به رهيا، سنڌ جي وڏي وزير به ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ اتي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکيون جتان وري مين اسٽريم ميڊيا هلايون پر حقيقت اها آهي ته عوام حڪومت جي قدمن مان مطمئن نه آهي. ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. وري عيد جون موڪلون ختم ٿيڻ تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. مٿان وري اها اڳڪٿي آهي ته برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري اسان جي حڪومت ۽ ان جي ادارن کي اپيل آهي ته اهي هن ڀيري ته گهٽ ۾ عوام جي حفاظت يقيني بڻائين ۽ ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچائين. برسات ماڻهن جي لاءِ رحمت بڻجي ۽ ان مان خوشحالي جو دڳ نڪري نه وري ڪي عام ماڻهن کي پنهنجي پيارن جي ياد ۾ تڏا وڇائي عذرخواهيون وصول ڪرڻيون پون يا وري برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪرڻا پون.