ناريءَ شاديءَ کان انڪار تي مڱيندي کي اغوا ڪري ورتو

0
463
ناريءَ شاديءَ کان انڪار

نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي بجنور ۾ هڪ ڇوڪري تي الزام آهي ته هن شادي کان انڪار تي پنهنجي مڱيندي کي اغوا ڪري ورتو

پوليس ان معاملي ۾ ناريءَ ۽ سندس سئوٽ سميت هڪ ٻئي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب واقعي ۾ وڌيڪ چار جوابدار فرار ٿي ويا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ناري جي مڱيندي انڪر کي اغوا ڪري آريا سماج جي مندر ۾ وٺي ويا جتي ناريءَ سان جبري شادي ڪرائڻ جو منصوبو رٿيل هو پر پوليس پهچي جوابدارن کي ڳولي پڪڙي ورتو.  پوليس ٻڌايو ته ناريءَ وٽان شادي جو ڳاڙهو وڳو ۽ جوابدار وٽان پستول به هٿ ڪيا ويا آهن

ھي به پڙھندا

ڪنوار شاديءَ کان اڳ گهوٽ کان معاهدو سائن ڪرائي ڇڏيو