ڪراچي(اسپورٽس نيوز) بابراعظم پي ايس ايل جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز ڇڏڻ کانپوءِ ڪراچي جي مداحن لاءِ پيغام جاري ڪيو آهي. ٽوئٽر تي بابراعظم پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته “ڪراچي ڪنگز سان منهنجو سفر شاندار رهيو، ملندڙ پيار، سهڪار ۽ سکڻ جو ٿورائتو آهيان. بابراعظم ڪراچي ڪنگز جي رانديگرن ۽ مينجمينٽ جا ٿورا مڃييندي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بابراعظم گڏوگڏ لکيو ته ڪراچي جا سمورا مداح اوهان اسان جا هئا ۽ هميشه رهندا. ان کان علاوه شعيب ملڪ پشاور زلمي کي ڇڏي ڪراچي ڪنگز کي جوائن ڪري ورتو.