ميلبرن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنل لاءِ اسان جيڪو پلان ٺاهيو آهي ان تي عمل ڪرڻو آهي. ميلبرن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن ورلڊ ڪپ کي 1992ع جي ورلڊ ڪپ سان ڀيٽ ڪيو پيو وڃي، اسان نورس نه آهيون، پريشر هوندو آهي پر ڪوشش ڪنداسين ته دٻاءُ نه کڻون. بابراعظم چيو ته سمورا رانديگر فائنل کيڏڻ لاءِ ايڪسائٽڊ آهن، انگلينڊ جي ٽيم بهترين ٽيم آهي، اسان جي هنن سان هوم سيريز به ٿي، اسان فائنل ۾ سئو سيڪڙو ڏينداسين. هن چيو ته ٽورنامينٽ جي شروعات سٺي نه ٿي پر پوءِ اسان سٺو ڪم بيڪ ڪيو، سمورا رانديگر شينهن جيان کيڏيا. ڪاميابين جي مومنٽم کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين سمورن رانديگرن کي يقين آهي ته ورلڊ ڪپ کٽي سگهون ٿا. فائنل جي حوالي سان بابراعظم چيو ته شروعاتي 6 اوور تمام اهم آهن، پاور پلي جو صحيح استعمال ڪرڻو پوندو ان ۾ وڌيڪ رنز به ٺاهڻيون پونديون ۽ وڪيٽون به وٺڻيون پونديون، پاور پلي سان مخالف ٽيم تي پريشر وجهي سگهجي ٿو. اسان جو يقين الله تي آهي ۽ پورو ڀروسو به آهي، اسان جو ڪم محنت ڪرڻ آهي نتيجو الله جي هٿ ۾ آهي. قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ٽاس جي گهڻي اهميت نه آهي، موسم ته اسان جي هٿ ۾ ناهي پر دعا آهي ته ميچ مڪمل ٿئي ۽ برسات سبب متاثر نه ٿئي.