حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ ورڪرز پاران پوليس گرائونڊ ۾ پاڪستان زنده آباد ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي. ٽورنامينٽ ۾ ڊويزنل ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ شرڪت ڪئي. ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو. فائنل ۾ چيمبر آف ڪامرس ۽ ڊي آءِ جي اليون جون ٽيمون پهتيون. فائنل ۾ چيمبر آف ڪامرس 6 اوورن ۾ ڊي آءِ جي اليون کي 78 رنسن جو هدف ڏنو، ڊي آءِ جي اليون هدف 5 اوورن ۾ مڪمل ڪري ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪيو. ٻنهي ٽيمن ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن کي انعام ڏنا ويا.