ريتڪ روشن ”ڪرش 4“ ٺاھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
277

ڀارتي ادا ريتڪ روشن بالي ووڊ جي ڪامياب فلم ڪرش جو چوٿون سيڪوئل ٺاھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ريتڪ روشن اھڙو اعلان ڪرش جي 15 سال مڪمل ٿيڻ تي انسٽاگرام اڪائونٽ جي ذريعي ڪيو. اداڪار پوسٽ ۾ لکيو تھ ”ماضي گذري ويو، ھاڻي ڏسون ٿا ڪرش 4 اوھان جي لاءِ ڇا آڻي ٿو.“ ڀارتي ميڊيا موجب فلمساز راڪيش روشن ڪرش جي چوٿين سيڪوئل جي باري ۾ انڪشاف ڪيو ھو تھ ملڪ جي موجودھ صورتحال جي ڪري فلم دير جو شڪار ٿي وئي، انھيءَ جي اسڪرپٽ تي ڪم جاري آھي. خيال رھي تھ فلم جو پھريون حصو ”ڪوئي مل گيا“ جي نالي سان 2003 ۾ ريليز ڪيو ويو ھو، انھيءَ کانپوءِ ڪرش ۽ ڪرش 3 کي 2006 ۽ 2013 ۾ ريليز ڪيو ويو ھو.