گراهڪ، ويٽرز کي 25 لک رپين کان وڌيڪ ٽپ ڏيئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو!

0
548

لنڊن: نيو هيمپشائر ۾ ”اسٽمبل ان بار اينڊ گِرل ريسٽورنٽ“ ان وقت ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو جڏهن هڪ گراهڪ ويٽرز کي ٽپ طور غير معمولي رقم ادا ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ، ريسٽورنٽ ۾ هڪ شخص اچي ماني جو آرڊر ڏنو، جنهن جو بل 37 ڊالر ٿيو، ماني کائڻ بعد هن بيري کي بل آڻڻ لاءِ چيو. ويٽر جڏهن بل کڻي آيو ته هن همراهه پيسا ڏيڻ وقت ٽي ڀيرا کيس چيو ته هي پيسا ڪنهن هڪ تي خرچ نه ڪجانءِ! ريسٽورينٽ جي مالڪ مائڪ موجب اهو ٻڌندي ئي ويٽر رقم تي نظر وڌي ته سڀني جا هوش اڏامي ويا، گراهڪ 16000 ڊالر ٽپ ڏني هئي، جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 25 لک رپيا ٿئي ٿي. مائيڪ موجب گراهڪ چيو ته”توھان ماڻھو سخت محنت ڪريو ٿا مان چاھيان ٿو ته توھان ان کي رکو.“ گراهڪ مينيجر کي پنهنجو نالو راز رکڻ لاءِ چيو.