حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 18 سالن کان روينيو جو امتحان پاس ڪندڙ عملدار کي روينيو عملدار مقرر نه ڪرڻ تي پيپڪو جي مئجينگ ڊائريڪٽر ۽ حيسڪو چيف کي نوٽيس جاري ڪندي کانئن 16 جون تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. حيدرآباد سان تعلق رکندڙ حيسڪو جي روينيو عملدار جلال الدين راجپوت پنهنجي وڪيل محمد عارف ڪلوڙ معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ سندس موقف آهي ته هن 2002ع ۽ 2003ع ۾ روينيو جو امتحان ڏنو جنهن ۾ سندس پاسنگ نمبر 70 آهي پر کيس روينيو آفيسر مقرر ڪرڻ بدران پاسنگ نمبر 120 رکندڙ مس امبر شاهه کي روينيو آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواست گذار نظرانداز ڪرڻ تي حيسڪو خلاف 2019ع ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. معاملو عدالت ۾ هلڻ باوجود حيسڪو اختيارين پنهنجا اختيار اورانگهيندي 26 مئي تي ڄاڻايل عورت عملدار کي روينيو آفيسر مقرر ڪرڻ سان گڏ کيس 18هين گريڊ ۾ ترقي به ڏئي ڇڏي آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سيڪريٽري واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ، حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني، حيسڪو چيف سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي کين 16 جون تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.