ميرپورخاص (رپورٽر) تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ جمڙائو ڪينال تي قائم ٻيلي کاتي جي نرسري گارڊ انچارج رياض احمد پاران بلڊر ۽ ڪاروباري شخصيت خوشحال داس ۽ سي آءِ اي عملدار ھدايت الله ناريجي خلاف سيشن ڪورٽ پھچي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ 22 اي جي درخواست سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ داخل ڪرائي، جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته 21 مئي تي آئون ڊيوٽي تي نرسري ۾ ھئس، جتي سي آءِ اي پوليس اھلڪار ھدايت الله ناريجو سول ڊريس ۾ پنھنجي ساٿين سان گڏجي مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ اکين تي پٽي ٻڌي سي آءِ اي سينٽر ميرپورخاص کڻي آيا، جتي ٻيھر تشدد ڪيو ويو، مٿي ڄاڻايل پوليس عملدار ھدايت الله ناريجو ۽ خوشحال داس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، اھڙي درخواست بعد عدالت ٻڌڻي 4 جون تي مقرر ڪري ڇڏي.