روهڙي (ن پ ا) روهڙي ڪنڌرا ناڪي ڀرسان بئراج روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ روهڙي واسي امام دين ميراڻي ۽ سکر واسي جميل احمد کوسو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس کڻائي علقي اسپتال پھچايو، جتان طبي امداد ڏيڻ بعد ٻنهي نوجوانن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو، ھڪ ڄڻي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.