پيروسڻ (ن پ ا) آبپاشي عملدارن سب انجنيئر ذاڪر حسين سومرو، ڊرائيور ضمير حسين شر ۽ 3 داروغا انور شر، دريا خان لاشاري ۽ معشوق تي تشدد وارو مامرو: سب انجنيئر ذاڪر حسين سولنگي جي فرياد تي معشوق علي قمبراڻي، عاشق حسين، سجاول، غلام قمبر، علي گل، محمد امين ۽ مجاھد حسين قمبراڻي سميت 10 نامعلوم جوابدارن مٿان پيروسڻ ٿاڻي تي ايريگيشن عملي مٿان حملو ڪرڻ، ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا هنيا، پر جوابدار هٿ نه آيا.