مورو (ن پ ا) مورو باءِ پاس ڌيرڻ وٽ روڊ اکڙيل ھجڻ سبب ڪار ڪلٽي، ڪار ۾ سوار وقاص ميمڻ محفوظ رھيو، اطلاع ملڻ تي مورو درس پوليس پھچي ڪار کي پوليس موبائل سان ٽوچن ڪري درس ٿاڻي تي آندو جتي ڪار ۾ سوار وقاص ميمڻ ٻڌايو ته نيشنل ھاءِ وي جي اکڙڻ ۽ ناقص روڊ ھجڻ ڪري ڪار ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ ڪلٽيون کائيندي کاھي ۾ ھلي وئي الله جو شڪر آھي مان محفوظ رھيس پر ڪار جو وڏو نقصان ٿيو آھي ۽ انھي ساڳي ھنڌ اڳ به ڪيترائي جاني ۽ مالي نقصان ٿيا آھن پر ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. ھن نيشنل ھاءِ وي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ھن طرف ڌيان ڏئي وڏي جاني مالي نقصان کان بچايو وڃي.