رحيم بخش بوزدار جي پٽ ڊي ايف سي گهوٽڪي اختر بوزدار جو چوڪيدار تي تشدد، ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو

0
249
اختر بوزدار جو چوڪيدار تي تشدد
رحيم بخش بوزدار جي پٽ ڊي ايف سي گهوٽڪي اختر بوزدار جو چوڪيدار تي تشدد، ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي رحيم بخش خان بوزدار جي پٽ ڊي ايف سي گهوٽڪي اختر بوزدار جو پنهنجي آفيس جي چوڪيدار مٿان موڪل گهرڻ تي مبينا طور تشدد ڪري ڪمري ۾ بند ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

متاثر چوڪيدار محڪم الدين مهر الزام هنيو ته ڊيوٽي دوران طبعيت خراب ٿي وئي، موڪل گهرڻ تي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر گهوٽڪي اختر خان بوزدار ڪاوڙچي پيو ۽ ٻن ڪلاڪن تائين ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو

محڪم الدين موجب 2 ڪلاڪن تائين ڪمري ۾بند هجڻ سبب طبيعت خراب ٿي وئي، ڊي ايف سي اختر بوزدار ڌمڪي ڏني ته ته مان پيپلزپارٽي اڳواڻ سردار اختر خان بوزدار جو پٽ آهيان توکي جيڪو ڪجھه ڪرڻو آهي ڪر، مونکي ڪجھه به نڪري سگهندين

متاثر فوڊ ملازم محڪم الدين مهر خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊي ايف سي ميرپور ماٿيلو اختر خان بوزدار خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل ڊي ايف سي اختر خان بوزدار ٻڌايو چوڪيدار محڪم الدين مهر ڪمري ۾ بند ڪري تشدد وارا الزام ڪوڙا هڻي رهيو آهي، اصل ۾ هن مونکان هڪ مهيني جي موڪل گهري جيڪا منهنجي اختيار ۾ ناهي، بلڊ پريشر جو مريض آهي، سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي ويندو ۽ الزام واپس وٺندو