خيرپور: ناري ماءُ سميت مبينا طور اغوا، وارثن جو احتجاج

0
171
ناري ماءُ سميت مبينا طور اغوا
خيرپور: ناري ماءُ سميت مبينا طور اغوا، وارثن جو احتجاج

خيرپور: بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نارائي ڊکڻ پاڙي مان ناري ماءُ سميت مبينا اغوا ٿي وئي آهي، وارثن احتجاج ڪندي مدد جي التجا ڪئي آهي

مظاهرين الزام هنيو آهي ته جوابدار علي اڪبر سومرو پنهنجي ساٿين سان گڏجي فوزيه سومرو ۽ سندس امڙ کي اغوا ڪري ويو آهي

مظاهرين موجب بي سيڪشن پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو آهي پر پوليس ماءُ ڌيءَ جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا

وارثن مطالبو ڪيو ته جوڳا قدم کڻي ناري ۽ سندس امڙ کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو