راڻيپور: مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، 5 ڄڻا زخمي

0
178
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

راڻيپور(ن پ ا) درازا شريف وٽ قومي شاهراهه تي تيز رفتار مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي حادثي جي نتيجي ۾ پنج مسافر زخمي ٿي پيا جنهن ۾ شاھ محمد، علي محمد، ماجد علي ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي راڻيپور اسپتال پهچايو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ راولپنڊي کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو برسات ۽ طوفان سبب پيش آيو، جڏهن ته پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.