ڳڙهي خيرو: تڪرار جي نبيري لاءِ پوليس جو ٻن ڳوٺن کي ڪڙو

0
244

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) چاچڙ – ملغاڻي تڪرار جي نبيري لاءِ پوليس جو ڳوٺ گلاب ملغاڻي ۽ ڳوٺ حسين بخش چاچڙ کي ھڪ ھفتي کان ڪڙو، پوليس ٻنھي ڳوٺن کي چوطرف ڪڙو چاڙهي عارضي پوليس چوڪيون قائم ڪري ورتيون، ٻنھي ڳوٺن جا اچ وڃ جا رستا بند ڪيا ويا، ڳوٺاڻا گھرن اندر محصورٿي ويا، جڏهن ته پوليس ڪڙي خلاف ملغاڻي برادري پاران احتجاج ڪيو ويو آهي، ڀائي خان ملغاڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس رستا بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب بيمارن کي علاج لاءِ اسپتال به نٿا وٺي وڃي سگھون، پوليس جي دٻاءَ ۾ اچي ٺاھ نه ڪنداسين.