انتظام نٿا ڪري سگهون: سريلنڪا وومين ٽيم جي دوري کان جواب ڏئي ڇڏيو

0
272

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جَي سريلنڪا جَي دوري کي حتمي شڪل ناهي ڏني وئي، سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ حڪومتي هدايت تي سريز ملتوي ڪرڻ جوچئي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪن وومين ٽيمز وچ ۾ سيريز هلندڙ مهيني تجويز ڪئي وئي هئي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ٻئي بورڊ سان سيريز تي ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري کي هلندڙ هفتي حتمي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي، پي سي بي ٻئي بورڊ جي منظوري کانپوءِ دوري جي تاريخ جو اعلان ڪندو.دوري جي منظوري جي صورت ۾ وومين ٽيم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ رواني ٿيندي، دوري ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي. پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ ڪراچي ۾ جاري آهي.