راڻيپور: شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

0
236

راڻيپور(ن پ ا) راڻيپورواسي نوجوان مبينا آپگهات ڪري زندگي ختم ڪري ڇڏي، راڻيپورجي ڳوٺ درگاهي سامٽيو جو رهواسي 18 ساله نوجوان سهيل علي سامٽيو مائٽن پاران شادي نه ڪرائڻ تان روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت روهڙي ڪئنال مان لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهن، نوجوان جي وارثن سعيد احمد قربان سامٽيو ٻڌايو ته ڪلهه کان نوجوان گم هيو اڄ روهڙي ڪئنال تي ويٺل فقيرن ٻڌايو ته نوجوان شناختي ڪارڊ جهولي ۾ اڇلائڻ بعد ٽپو ڏنو، نوجوان جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته اسان کي سرڪاري طرح ڪابه مدد نٿي ڪئي وڃي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي اپيل ٿا ڪيون ته نيوي جا ٽوٻا گهرائي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، جڏهن ته اسٽنٽ مختيار ڪار سوڀوديرو راشد شاهنواز روهڙي ڪئنال تي پهچي وارثن کان تفصيل پڻ ورتا.