دودو ڀيل قتل ڪيس، چيف جسٽس جي ايس ايس پي ٿرپارڪر کي ڇنڊ!

0
238

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دودو ڀيل قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. پوليس جاچ ٽيم جي سربراهه ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل رپورٽ رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. متاثر ڌر پڻ چيف جسٽس آڏو پيش ٿي واقعي جا تفصيل پيش ڪيا. چيف جسٽس واقعي جي جاچ لاء مقرر سراج لاشاري کي جاچ جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. لجپت سوراڻي ۽ مقتول دودو ڀيل جو ڀاءُ پڻ پيش ٿا. ان موقعي تي چيف جسٽس ايس ايس پي ٿرپارڪر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪنهن جي ونگار پيا وهو، توهان جا ٻچا ناهن ڇا؟؟