ميهڙ ۾ 12 ورهين جي نينگري سان ڏاڍائي جو انڪشاف!

0
500
ملير۾ راشن وٺي ڏيڻ

ميهڙ:ميهڙ شهر جي رهواسڻ 12سالن جي نينگري فوزيه ڌي زوار مهيسر سان مبينا طور ڏاڍائي جو انڪشاف سامهون آيو آهي. نينگري جي والد زوار مهيسر ڌي ء سان گڏجي ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي پوليس کي ٻڌايو آھي ته پاڙي جي هڪ سيلون تي ڪم ڪندڙ جوابدار رحمان ولد يونس تيوڻو پنهنجي سيلون ۾ منهنجي نياڻي فوزيه کي وٺي نشو ڏئي ساڻس جنسي زيادتي جو نشانو بنائڻ بعد کيس بيهوشي جي حالت ۾ در تي ڦٽي ڪري ويو آھي. ميهڙ پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ کان پوء نينگري کي ميڊيڪل ڪرائڻ لاء ليٽر ڏئي تعلقا اسپتال ميهڙ موڪلي ڇڏيوآهي،پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.