پاڪستان هاڪي جو اڳوڻو اولمپيئن نويد عالم لاڏاڻو ڪري ويو

0
343

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي جو اڳوڻواولمپيئن نويد عالم لاڏاڻوڪري ويو. نويد عالم ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو، گذريل ڪيمو ٿراپي بعد سندس طبيعت خراب ٿي هئي.خانداني ذريعن موجب نويد عالم جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال به منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته نويد عالم هاڪي ورلڊ ڪپ 1994 جي فاتح ٽيم جو ميمبر هو. سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن نويد عالم جي علاج جو خرچ برداشت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر نويد عالم ڪينسر جو علاج شروع ٿيڻ کان اڳ ئي وڇڙي ويو.