رتو ڇاڻ نٿا چاهيون، گورنر ۽ ڊي جي رينجرز کي آگاهه ڪري ڇڏيو: مرتضيٰ جتوئي

0
503

نوشهروفيروز(ن پ ا) جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته نوشهروفيروز جي ڪچي ۾ شاهاڻي ڌُر اسان جي زمينن تي قبضو ڪري فصل ڀيلي ڇڏيو ۽ هٿياربند اسان جو مال به ڪاهي ويا آهن، نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته 50 کان وڌيڪ هٿياربندن بنگلي تي حملو ڪيو ۽ پوليس جي موجودگي ۾ لانڍي تي قبضو ڪيو ويو هي، مرتضيٰ جتوئي لانڍين تي قبضا ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پوليس معاملي ۾ ڌُر بڻجي وئي آهي، اسان هٿيار کڻڻ نٿا چاهيون ۽ هر فيصلي لاءِ راضي آهيون، لانڍين تان قبضا ختم نه ٿيا ته صورتحال جي ذميواري اسان تي نه هوندي، اسان وٽ سنڌ جو گورنر جي اچڻ کانپوءِ اهو مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي، هن چيو آهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ ڊي رينجرز کي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي، قبائلي جهيڙو نٿا چاهيون، اِن کان اڳ جو جتوئي پاڻ قبضا ختم ڪرائين ۽ رتوڇاڻ ٿئي، پوليس قبضا ختم ڪرائي.