گمبٽ:شفقت شاهه حملو ڪيس، پسند جي شادي ڪندڙ ناري مقدس شاهه جو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل

0
218

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ پير سيد شفقت شاهه تي حملي وارو معاملو، قمبر شاهه سان پسند جي شادي ڪندڙ ناري سيد مقدس شاهه جو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل، مقدس شاهه جو چوڻ آهي ته مرضي موجب قمبر شاهه سان شادي ڪئي آهي، درگاهه راڻيپور ۽ پيءُ ماءُ سان تعلق ناهي رهيو، پيءُ لکرائي ورتو ته هاڻي راڻيپور جي درگاهه سان تنهنجو ڪو به واسطو نه آهي، مقدس شاهه چديو تھ سيد شفقت شاهه واپس ڪرائي ڀيڻ حوالي ڪيو ۽ ڀيڻ واعدو ڪيو ته قمبر شاهه سان شادي ڪرائينداسين، پر ڀيڻ ۽ ٻيا گهر ڀاتي واعدي تان فري ويا، هن وقت قمبر شاهه سميت مون کي ڪجه به ٿيو ته ان جا ذميوار منهنجو والد ۽ گهر ڀاتي هوندا ۽ انهن خلاف قانوني قدم به کڻنداسين.