راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل  قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دهشتگردن، انهن جي مددگارن ۽ ساٿين جي باقيات کي ختم ڪنداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي صدارت هيٺ 247هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايچ ڪيو ۾ ٿي، جنهن ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال، خاص طور بلوچستان ۾ تازن واقعن تي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته شرڪت ڪندڙن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته آرمي چيف دشمن قوتن جا عزم ناڪام بڻائڻ لاءِ فاميشنز جي آپريشل تيارين ۽ حفاظتي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏو سفر طئي ڪيو آهي، فوج قوم جي حمايت سان هر رنگ ۽ نسل جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو آهي. هن چيو ته امن جي بحالي لاءِ ڪيل ڪوششن کي دشمن هٿان ناڪام ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ ساٿين جي باقيات کي ختم ڪنداسين، دهشتگردن کي واپس ٿيڻ نه ڏنو ويندو، کين منظم ٿيڻ نه ڏينداسين.