ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)سنڌ جي تعليم  کاتي واري وزير ۽ سيڪريٽري کي سندن ماتحت آفيسر حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪولز اڪبر نوح ميمڻ چئلنج ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو پنهنجي ڳالهين کي ثابت نه ڪري سگهيو ته نوڪري تان استيعفيٰ ڏئي ويندو، ٻي صورت ۾ تعليم کاتي جو صوبائي وزير استعيفي ڏي، ڪالهه پنهنجي فيس بڪ پيج تي رکيل هڪ اسٽيٽس ۾ هن لکيو آهي ته ميرپورخاص ۾ مقرر ڪيل 19هين گريڊ جو ڊي اي اي او پرائمري محمد عثمان سومرو جعلي ڀرتي ٿيل آهي، جيڪو تعليم کاتي تي داغ آهي، جنهن ٽنڊوالهيار ۾ پنهنجي ناٺي سميت پوري خاندان کي ڀرتي ڪرائي انهن جا چيڪ بڪ ۽ اي ٽي ايم پاڻ رکي هر مهيني 10 کان 15 لک روپيا ڪمائي رهيو آهي، جنهن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو هو وري هو، جيڪو 17 هين گريڊ ۾ وري انڙپور ۾ مقرر ٿي ويو ۽ ڪجهه ئي ڏينهن بعد اهو ئي محمد عثمان سومرو 18هين گريڊ ۾ پروموٽ ٿي ويو، جنهن جي ڊائريڪٽر کي به خبر نه پئي ۽ هن جو ڪيس سيڪريٽريٽ تائين پهتو جنهن کي سيڪريٽري تعليم ۽ وزير تعليم پاران 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي، هن چيو ته عثمان سومرو صوبائي وزير کي خوش ڪيو، جنهن سبب صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاه کيس ترقي ڏيڻ جي اين او سي جاري ڪئي.