اسلام آباد: فيصل واوڊا کي نااهل قرار  ڏيڻ کانپوءِ سينيٽ مان حڪومت پاران هڪ ووٽ جي فرق سان منظور ڪرايل اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري واري بل جي منظوري تي به سوال پيدا ٿي ويا آهن، ڇو ته سينيٽ ۾ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري لاءِ 28 جنوري تي ٿيل سينيٽ جي اجلاس دوران ان بل کي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ واري رٿ جي حق ۾ 43 ۽ مخالفت ۾ به 43 ووٽ پيا هئا، جنهن ۾ فيصل واوڊا جو ووٽ به شامل هو، ووٽ برابر ٿيڻ ڪري سينيٽ چيئرمين پنهنجو ووٽ ڏئي بل منظور ڪيو هو.