دنيا جي “سڀ کان وڏي خاندان“ جو سربراهه ڀارت ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

0
637

ممبئي: دنيا جي سڀني کان وڏي خاندان جو سربراهه سمجھيو ويندڙ 76 سالن جو زيونا چانا ڀارتي رياست ميزورام ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هڪ کان وڌيڪ شادين ۾ يقين رکندڙ فرقي جي سربراهه زيونا چانا پنهنجي سوڳوارن ۾ 38 زالون ، 89 ٻارڙا ۽ 36 پوٽا ۽ پڙپوٽا ڇڏيا. هن جي موت جي تصديق ميزورام جي وڏي وزير زورامٿنگا ڪئي ۽ سندس ڪٽنب سان تعزيت ڪئي. چانا مبينا طور تي شوگر ۽ بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا هو. اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڇا چانا واقعي دنيا جي سڀ کان وڏي خاندان جو سربراهه آهي ڇو ته ٻيا به آهن جيڪي اهڙي دعويٰ ڪن ٿا، چانا جي خاندان جي صحيح سائيز جو اندازو لڳائڻ به مشڪل آهي پر هڪ رپورٽ دعويٰ ڪري ٿي ته هن کي گهٽ ۾ گهٽ 39 زالون ، 94 ٻارڙا ، 33 پوٽا ، پڙپوٽا آهن، هن جو ڪُل خاندان 181 فردن تائين پهچي ٿو.