اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار سمورين پارٽين کي ميثاق معيشت جو معاهدو ڪرڻ جي هڪ ڀيرو وري دعوت ڏيندي چيو آھي ته دعويٰ سان چوان ٿو ته ملڪ ڊفالٽ نه ڪندو، آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ  نائين معاشي جائزي ۾ منهنجي اندازي کان گهڻو وقت لڳي رهيو آھي، پر هاڻي اميد آھي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪجھه ڏينهن ۾ ٿي ويندو،  اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو ان حوالي سان سامهون ايندڙ خبرون گمراهه ڪندڙ آھن، پاڪستان جي معيشت بابت بي پناهه پروپگنڊا ڪئي پئي وڃي، هن تمام پارٽين کي ميثاق معيشت معاهدو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ان معاهدي ۾ ڪير به حڪومت ۾ اچي تبديلي نه ڪري، اسان جن عهدن تي آهيون امين آھيون، الله تعالي ۽ عوام کي جوابده آھيون، هن چيو ته غير ضروري خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آھن ملڪ جي معاشي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي ڪمن لاءِ 16 ارب ڊالر گهربل آھن، اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسن سان ملڪي معيشت تباهه  ٿي، ان ڪري ئي مهانگائي آهي،  عمران خان آءِ ايم ايف پروگرام جي معاهدي خلاف ڪم ڪيا، ترقياتي ادارن جي اعتماد کي نقصان پهچايو، اسان آءِ ايم ايف جي پروگرام کي مڪمل ڪندا سين، حالتون ڪهڙيون به هجن پر اڳوڻي حڪومت جي ڪيل معاهدي تي عمل ڪندا سين، ناڻي وزير چيو ته ايندڙ بجيٽ موجوده حالتن مان نڪرڻ طرف اهم قدم هوندو.