اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي بلوچستان بابت  خصوصي ڪاميٽي جي ٽي او آرز جي منظوري ڏني وئي خصوصي ڪاميٽي وفاقي ملازمتن ۾ بلوچستان صوبي جي 6 سيڪڙو ڪوٽا، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ بلوچستان جي ٻين مسئلن بابت ٽن مهيني ۾ عملدرآمد کي يقيني بنائڻ بابت رپورٽ ڏيندي، خصوصي ڪاميٽي جو ڪنوينر خالد مگسي جي صدارت ۾  اجلاس ٿيو ڪاميٽي لاءِ جوڙيل ٽي او آرز جي منظوري ڏني وئي آھي، ٽي او آرز تحت ڪاميٽي بلوچستان ۾ موجود افغاني پناهگيرن جي ڪيمپن ۾ واپسي لاءِ طريقيڪار جوڙيندي، ڪاميٽي بلوچستان جي گيس پيداوار ڏيندڙ علائقن جي پنج ڪلو ميٽر ايراضي ۾ ايندڙ ڳوٺن کي گيس جي فراهمي يقيني بڻائيندي.