اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا نيب چيئرمين کي ڪيس بند ۽ ختم ڪرڻ جي احتساب عدالتن کي سفارش ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ لاءِ نيب قانون ۾ ترميم جي بل ، حج پاليسي 2023ع ۽ قومي ڪلين ايئر پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي تفصيل موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير اعظم هائوس ۾ وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته وفاقي ڪابينا موسمي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي قومي ڪلين ايئر پاليسي جي منظوري ڏني، موسمي تبديلي جي وزارت ڪابينا کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ گذريل سالن دوران فضائي آلودگي ۾ اضافو ٿيو، لاهور ۽ ڪراچي هوا ۾ موجود آلودگي جي اعتبار سان پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر شهر آھن، آلودگي سبب پاڪستان ۾ انساني عمر جي حد ۾ 2.7 سالن جي گهٽتائي ٿي آھي، ايندڙ ڏهن سالن ۾ زهريلي گيسن ۾ گهٽتائي آندي ويندي پاليسي تي عمل لاءِ نيشنل ايڪشن ڪاميٽي ۽ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي ٺاهي ويندي، وفاقي ڪابينا کي مختلف وزارتن پاران توانائي بچت بابت کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي، وفاقي ڪابينا قانون وزارت جي سفارش تي نيب قانون ۾ ترميم جي بل جي منظوري ڏني، بل ۾ نيب چيئرمين کي ڪيس بند ۽ ختم ڪرڻ جي احتساب عدالتن کي سفارش ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، جيڪي ڪيس نيب آرڊيننس تحت نيب جي دائري ۾ نٿا اچن انهن کي ٻين عدالتن ٽربيونلز ۽ فورمن کي موڪلڻ ۾ مشڪلاتون اچي رهيون هيون.  وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2023 جي به منظوري ڏني، وزير اعظم شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پاڪستاني حاجين جي سفر ۽ حج دوران هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سعودي اختيارين سان موثر ۽ جامع حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي، وفاقي ڪابينا هڪ ۽ 3 مارچ تي ٿيل اي سي سي جي اجلاسن ۾ ٿيل فيصلن توڙي ڪابينا جي قانونسازي بابت ڪاميٽي جي 6 مارچ تي ٿيل اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا توشا خاني جي تحفن جو رڪارڊ عوام لاءِ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف اعلان ڪيو آھي ته توشا خاني جو رڪارڊ جلد ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف تصديق ڪندي چيو آھي ته وفاقي ڪابينه توشا خاني جي تحفن جو رڪارڊ ڊي ڪلاسيفائيڊ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي اهو رڪارڊ جلد ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيو ويندو.