دادو ۾ مڙس طرفان گهران نيڪالي ڏنل عورت تي بيرحم وارثن جو مبينا وحشياڻو تشدد

0
272

دادو (ن پ ا) دادو شهر ۾ مڙس طرفان گهران نيڪالي ڏنل عورت تي بيرحم وارثن جو مبينا وحشياڻو تشدد، عورت نسيمان سومرو زخمي حالت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهي، ان سلسلي ۾ عورت دانهيو آهي ته معمولي ڳالهه تان والد ۽ ڀينرن کيس گهلي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، گهرڀاتين کيس ڏنڊا به هنيا آھن، ڌرڻي دوران عورت جا ٻار به رڙيون ڪندي روئندا رهيا، پوليس عورت ۽ سندس ٻارن کي عدالت وٺي وئي، معاملي جي جاچ جاري آھي، ان سلسلي ۾ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هڪ سال اڳ عورت سان ڏير مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪئي هئي، والد کي شڪايت ڪرڻ تي مڙس کيس گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد هوءَ والد جي گهر ۾ رهندي هئي.