مٺي: دودو ڀيل سان گڏ تشدد جو نشانو بڻيل پورهيت غلام قادر کوکر تي ناحق قيد رکي تشدد جو نشانو بنائڻ بابت سندس والد حسن کوکر پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ مُک جوابدار طور نامزد خانگي ڪمپني جي ايڊمن محبوب گشڪوري جي ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. پڪي ضمانت لاءِ 26 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آھي. ڄاڻايل جوابدار محبوب گشڪوري پورهيت غلام قادر کوکر تي تشدد واري ڪيس ۾ مک جوابدار طور نامزد آھي. مقامي وڪيلن پاران ڪيس وڙھڻ کان انڪار سبب ڄاڻايل جوابدار جي ضمانت لاءِ حيدرآباد جو وڪيل لطف الله عدالت ۾ پيش ٿيو.