حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ريلوي اختيارين 26 جون تي حمان بابا ايڪسپريس کي پيش آيل حادثي جو ڪيس حاجي سراج الدين سومري، سندس پوٽي عطا محمد سومرو ۽ ٽرالر جي ڊرائيور سڪندر علي خلاف داخل ڪيو آهي. اهو ڪيس حيدرآباد جي ريلوي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگردي جو قلم به لاڳو ڪيل آهي. ريلوي ٿاڻي تي پرمننٽ وي انسپيڪٽر محمد عدنان عامر ولد محمد يونس جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 26 جون 2021ع تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ رحمان ايڪسپريس کي ٽنڊو آدم ڀرسان ڦاٽڪ نمبر 36 وٽ حادثو پيش آيو. هن ڄاڻايو آهي ته گيٽ مين ممتاز علي مطابق اهو حادثو 7 لڳي 5 منٽن تي پيش آيو. هن ڦاٽڪ جا ٻئي دروازا بند ڪري ڊرائيور کي ڪليئر ڏيڻ لاءِ جهنڊي ڏيکاري ته اوچتو ايل پي جي، جي وڏي سئلينڊر سان لوڊ ٿيل ٽرالر ڦاٽڪ جو دروازو ٽوڙي پٽڙي تي چڙهي آيو جنهن سبب رحمان بابا ايڪسپريس جي انجڻ ان سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ انجڻ جو اڳيون حصو متاثر ٿيو ۽ انجڻ سان گڏ لگيج وان بوگي کي به نقصان پهتو. حادثي جو سبب بنجندڙ هاءِ ٽيڪ ايل پي جي پاور ڪمپني، آئل پيٽروليم ۽ گئس ٽرالر جو مالڪ حاجي سراج الدين سومرو ۽ عطا محمد سومرو آهن، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور سڪندر علي هلائي رهيو هو، جنهن ڦاٽڪ ٽوڙي انجڻ ۽ بوگي کي نقصان پهچايو. حادثي جي نتيجي ۾ پٽڙي کي به نقصان پهتو جڏهن ته ريل گاڏي ۾ مسافرن جي جان کي خطري ۾ وڌو. اهو ڪيس قلم 126، 128، 129 آر اي سي ٽي، 29 پي آر اي او، 427، 279، 337 اي، 34 پي پي سي، 6 (1)/ڊي/7 اي ٽي اي تحت داخل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اهو ڪيس نوابشاهه ۾ دهشتگردي جي عدالت هيٺ هلندڙ آهي. ريلوي ٿاڻي جي ايس ايچ او اسد مهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيس ۾ ڪنهن جي به گرفتاري نه ٿي آهي. اهو ڪيس 27 جون تي داخل ٿيو هو ۽ ٻن ڄڻن پنهنجون حفاظتي ضمانتون به ڪرائي ورتيون آهن.