دادو ( رپورٽر ) جوهي جي ڳوٺ محبت لنڊ جون ٻوڏ متاثر عورتون روڊن تي نڪري آيون آهن ، مير زادي ، اميران ۽ زرينا لنڊ جي اڳواڻي ۾ عورتن هٿن ۾ لٺيون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي هائوس آڏو دادو لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي 2 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ، ٻوڏ متاثر عورتن دانهيو آهي ته 20 ڏينهن کان ايم اين وي ڊرين جي بند تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون ڪجھ به ناهي مليو نه ٽينٽ ڏنا ٿا وڃن نه راشن ڏنو وڃي ٿو اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن مجبور ٿي روڊن تي نڪتيون آهن ، نٽهڻ اس تي هئڻ ڪري اسان جا معصوم ٻچا مليريا ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ، ڊي سي دادو چوي ٿو توهان جي ڳوٺ لاء 200 راشن جا ڪٽا چڱي مڙس کي ڏنا آهن ، اهي ڪنهن ڏنا ويا آهن انهيء چڱي مڙس کي ظاهر ڪيو وڃي ، اسان کي ڪجھ به ناهي مليو هنن چتاء ڏنو آهي ته جيڪڏهن اسان جي ڳوٺن مان بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي راشن ۽ ٽينٽ نه ڏنا ويا ته هو ٻيهر ڊي سي هائوس آڏو ڌرڻو هڻندا .