ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب جي سخي ڄام ڏاتار جي قبرستان مان قبر کوٽڻ وقت 3 فوٽن تي پاڻي نڪري پيو، ميت دفنائڻ لاءِ آيل ڏاھري برادري جا ماڻھو سخت پريشان، ان ڏس ۾ شھر جي سماجي اڳواڻ مولانا محمد يوسف ڏاتاري جي فوتگي بعد ڏاھري برادري جا ماڻھو قبرستان ۾ قبر ٺاھڻ لاءِ پھتا ته قبر کوٽڻ وقت 3 فوٽن تي سم جو پاڻي نڪرڻ ڪري قبرستان ۾ 4 قبرون ٺاھي بند ڪيون ويون، بعد ۾ پنجين قبر ۾ ميت کي پلاسٽڪ ۾ ويڙھي دفن ڪيو ويو، ان حوالي سان غلام قادر ڏاھري، پرويز احمد ڏاھري، وقار ڏاھري، الله بخش ڏاھري ۽ ٻين ٻڌايو ته قبرستان ۾ قبر ٺاھڻ وقت ٽن فوٽن تي پاڻي نڪري پوي ٿو ۽ پنھنجي پيارن جي ميت کي دفائڻ لاءِ پريشان آھيون، هنن چيو ته قبرستان جي سم جي پاڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ لڳل ٽيوب بند پيل آھن، نوٽيس وٺي  قبرستان ۾ لڳل ٽيوب ويل ھلائي پاڻي ختم ڪرايو وڃي.