نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز لڳ ڳوٺ نم وارا کوسا ۾ پيرسن عورت مسمات شاھل کوسو فوت ٿي وئي،  ڳوٺ جو قبرستان برساتي پاڻي جي گھيري ۾ ھجڻ ڪري فوتي عورت جو جنازو  چيلھه جيڏي پاڻي مان گذاريو ويو، ڳوٺاڻن موجب ته انتظاميا پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو، متبادل رستو نه هجڻ سبب جنازو پاڻي جھاڳي قبرستان پهچايو آهي.