دادو (رپورٽر) دادو ۾ عيدالفطر کان وٺي مسلسل بجلي ۽ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ لکين خاندانن کي شديد مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سيپڪو اختيارين وزيراعظم پاران عيد تي بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ واري اعلان باوجود عيد واري ڏينهن کان دادو شهر ۾ 16 ڪلاڪن جي بدترين لوڊ شيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ميهڙ، جوهي، ڪي اين شاهه، سيتا، ڪڪڙ، خدآباد سميت ضلع جي ننڍن، وڏن شهرن ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت سئي سدرن دادو پاران دادو، جوهي، سيتا روڊ، پيارو اسٽيشن، ڦلجي اسٽيشن سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مختلف وقتن تي لوڊ شيڊنگ ڪرڻ سبب لکين خاندان شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، مهانگائي جا ماريل دادو واسي گئس جي لوڊ شيڊنگ سبب ماني، ڀاڄي ۽ چانهه هوٽلن تان خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.