قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد ۾ عيد جي 2 ڏينھن دوران مختلف روڊ حادثا، ھڪ ڄڻو فوت 6 ڄڻا زخمي، ان ڏس ۾ قاضي احمد موڙ نوابشاھ_ قاضي احمد لنڪ روڊ  تي ٻن م تيز رفتار موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر  ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فاروق رند موقعي تي فوت ٿي ويو، سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مذڪوره حادثي ۾  2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻئي  ڳوٺ سوائي راهو وٽ موٽر سائيڪلن جي ٽڪر لڳڻ ڪري صيف شاھ ،رجب شاھ ،ماجد شاھ ۽ سيرجي ڀيل زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.