ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ عالم، اديب ، محقق سياستدان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪار سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ  جي مناسبت سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي جي ايم سيد جون سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون تمام  گهڻيون ۽ ساراهه جوڳيون آهن. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري لاءِ جي ايم سيد جي ڪوششن سان جوڙيل اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ مٿان اهو فرض عائد  ٿيو پئي ته هو اداري طرفان جي ايم سيد جي خدمتن عيوض کيس خراج تحسين پيش ڪري، ان لاءِ اداري جي مُک گيٽ جو نالو ”بابِ جي ايم سيد“ رکيو ويو. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته جي ايم سيد 1940ع واري ڏهاڪي ۾  ميران محمد شاھ جي سرپرستيءَ ۾ ”سنڌي ادب جو مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو .  جيڪو هاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان قائم آهي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان  جي ايم سيد  جا ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين “ ٻه  جلد، ”شاهه جون وايون ۽ ڪافيون“، ”رهاڻ“ ، ”ساهڙ جا سينگار“  ڪتاب ڇپرايا ويا آهن.  جي ايم سيد گهڻ پاسائين شخصيت جا مالڪ هو، هن جي قلم کي سندس شاهڪار  ڪتاب لکڻ جي سعادت حاصل هئي. جنهن ۾ هن هر هڪ مضمون سان  منفرد ۽ جامع انداز سان نڀايو. سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ جو تخليقڪار هو.  مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته اڄ به سائين جي ايم سيد جي فڪر جو ذڪر سنڌ جي حوالي سان ٿئي ٿو . تاريخ جي ڪُک ۾ هن جو بين الاقوامي ڪردار به آهي،  مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ به سائين جي ايم سيد ئي اڪثريت سان پاس ڪرايو هو. سائين جي ايم سيد، جنهن ڪتابن سان دوستي سيکاري. ڪتابن سان سندس بي پناھ دوستي ۽ ڏينهن رات مطالعي جو ئي ڪمال آهي.