دادو: معطل ايس ايڇ او آفيسرن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

0
247

دادو(ن پ ا) معطل ڪيل ايس ايڇ او منظور مستوئي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج معطل ڪيل ايس ايڇ او جي درخواست فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي، معطل ايس ايڇ او چيو آهي ته جاچ ٽيم غلط رپورٽ پيش ڪئي جنهن کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي، 26 سالن جي سروس ايمانداري سان ڪئي، منشيات پڪڙي ڪيس داخل ڪيو ۽ پراپرٽي عدالت ۾ شو به ڪئي، هن چيو آهي هت مونکي هٽائڻ کان پوءِ مقرر ٿيل ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي ايڊمن منشيات ٿاڻي تان کڻي گم ڪئي، عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ گهر ڪئي آهي ته معاملي جي جوڊيشنل يا ايماندار پوليس آفيسرن کان جاچ ڪرائي وڃي، منظور مستوئي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڏوهي ٿيان ته چوڪ تي ڦاسي ڏئي لٽڪايو وڃي.