اسلام آباد: قومي اسيمبلي بعد شاهه محمود قريشي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي به ڇڪتاڻ جاري رهي، بلاول ڀٽو پنهنجي فون ٽيپ ڪرڻ واري ڳالهه کي مذاق قرار ڏئي ڇڏيو. شاهه محمود قريشي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان ياد رکي ته قومي اسيمبلي جي انساني حقن جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ جمهوري روايتن ۽ ضابطن جي تبليغ ڪندڙ بلاول ڀٽو زرداري کليل نموني هڪ چونڊيل پارليامينٽ ميمبر جو فون ٽيپ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، ان سان بنيادي حقن، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جو ڇا ٿيندو؟ ان جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري لکيو ته اچو ته رڪارڊ درست ڪريون ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۾ مذاح جي حس ئي نه آهي.