اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي تقرير خاموشي سان ٻڌڻ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ معاملا طئي ڪيا ويا، ذريعن موجب مخالف ڌر پاران ٽئي شرط رکيا ويا ته وزيراعظم صرف بجيٽ تائين محدود رهندو، احترام جي دائري مان ٻاهر نه ويندو، الزام نه هڻندو ته گوڙ نه ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جڏهن تقرير ڪري رهيو هو ته ان وقت دوران مخالف ڌر ۾ شامل پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) جا 95 جي لڳ ڀڳ ميمبر موجود هئا، جن وزيراعظم جي پوري تقرير دوران ڪا به نعريبازي نه ڪئي ۽ مڪمل خاموشي سان وزيراعظم جي تقرير ٻڌي، جڏهن ته شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، خواجه آصف، احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي وزيراعظم جي تقرير دوران موجود نه هئا، رانا ثناءُالله، راجا پرويز اشرف، عبدالقادر پٽيل ۽ ٻيا اپوزيشن ميمبر موجود هئا. 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي وفاق ۾ قيام بعد پهريون ڀيرو وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ پرسڪون ماحول اندر تقرير ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير دوران حڪومتي ميمبرن جي گوڙ تي انتهائي جذباتي ٿي ويو، ان ڏاڙهي تي هٿ گهمائيندي حڪومت کي چيلينج ڪيو ته جيڪڏهن تقرير ڪرڻ نه ڏيندا ته پوءِ وزيراعظم هتي اچي تقرير ڪري ڏيکاري، مون کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ڏيو ٿا ته مان واعدو ڪريان ٿو ته منهنجا ميمبر تميز سان ويهي وزيراعظم جي ڳالهه به ٻڌندا، ان دوران حڪومتي ميمبرن گوڙ ڪيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏاڙهي تي هٿ گهمائيندي چيو ته مان هتي ويٺو آهيان، پوءِ عمران خان اچي تقرير ڪري ڏيکاري، رولز تحت نه هلندئو ته ايوان نه هلندو.