خيرپور ۾ پيرسن جوڙي جو بااثر وياجي ۽ ايس ايس پي آفيس انچارج خلاف احتجاج

0
281

خيرپور(ن پ ا) خيرپور۾ پيرسن زال مڙس جو بااثر وياجي ۽ ايس ايس پي خيرپور آفيس جي ڪمپلين سيل انچارج گلزار ملاح خلاف دانهون ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي، پيرسن نظام سوهو ۽ سندسن گهرواري جو چوڻ آهي ته بااثر وياجي الطاف سوهو ويهن هزارن جي بدران پنج لک گهري رهيو آهي، هنن چيو آهي ته ايس ايس پي آفيس جي ڪمپلين سيل انچارج گلزارِ ملاح ڏي دانهن کڻي وياسين تي ان به دڙڪا ڏئي موٽائي ڇڏيو، پيرسن جوڙي پاران اعليٰ اختيايرين کان نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيوويو آهي.