سکر: عدالت جو سنڌ ۾ جبل ٽوڙڻ واريون هيوي مشينون بند ڪرڻ جو حڪم

0
293
Sukkur Court

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سنڌ ۾ جبل ٽوڙڻ واريون هيوي مشينون بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جي ٻه رڪني بينچ طرفان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪريشنگ مشينون ماحول دشمن آهن، جن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽعلائقي واسين طرفان داخل ڪيل پٽيشن تي فيصلو ٻڌايو ويو آهي، عدالت ۾ معدني ترقي کاتي پاران پٽيشين داخل ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته جبل ٽوڙڻ جي لاءِ ڌماڪيدار مواد استعمال ٿئي ٿو، ان سلسلي ۾ وڪيل علي رضا بلوچ عدالت ۾ دليل ڏنا ته جبل ٽوڙڻ جي لاءِ ڌماڪن سان رهائشي عمارتن کي نقصان ٿئي ٿو۽ ڪريشنگ مشينن جي ڪري ماحول آلودگي جو شڪار بڻجي ٿو، عدالت سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي ڪريشنگ مشينون بند ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.