خيرپور (رپورٽر) خيرپور ويجهو ڳوٺ فتح پور ۾ درگاھ حضرت سيد گل شاھ موسوي جي سجاده نشين ۽ پاڪستان عالمي مشائخ ڪائونسل ضلعي خيرپور جي صدر پروفيسر زوار سيد ضمير حسين شاھ موسوي کي فتح پور ۾ درگاھ حضرت سيد گل شاھ موسوي تي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ سوين مريدن، عقيدتمندن، سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن کان سواءِ مختلف درگاھن جي گادي نشينن ۽ پاڪستان عالمي مشائخ ڪائونسل جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. مرحوم جي ٽيجھي جون رسمون اڄ خيرپور ۾ ادا ڪيون وينديون جنهن دوران قرآن خواني، مجلس عزا ۽ دستاربندي پڻ ڪئي ويندي. ھوڏانھن ٽيجھي جي رسم ۾ پاڪستان عالمي مشائخ ڪائونسل جو مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن تي مشتمل ھڪ وفد شرڪت ڪندو. ٻئي طرف پاڪستان عالمي مشائخ ڪائونسل پاران ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.