خيرپور واسي مامو ڀاڻج ڌاڙيلن وٽ قيد، پوليس جون وارثن کي ڌمڪيون

0
300

خيرپور(ن پ ا) ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ ولي محمد ڪانڌڙو جا رهواسي مغوي مامو ڀاڻيجو ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب نه ٿي سگهيا، مسعود علي ڪانڌڙو ۽ سندس ڀاڻيجو مختيار ڪانڌڙو جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن پاران سندن وارثن کان اٺ لک ڀنگ گهريو ويو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي خيرپور مغوي جي وارثن کي گهرائي ميڊيا کان پاسو ڪرڻ جو چيو، جنهن کانپوءِ مغوين جي گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ خيرپور توڙي سکر پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي خيرپور هڪ مغوي مسعود ڪانڌڙو جي پيءُ کي گهرائي خاموش رهڻ لاءِ ڇنڊ پٽي.