کهڙا (ن پ ا) ربنواز اڄڻ پاران پنهنجي ڀيڻ روبينا جي قبر ڪشائي ڪري لاش حوالي ڪرڻ بابت داخل درخواست تي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل جي دليلن بعد ايڊيشنل سيشن جج مئجسٽريٽ ڪوٽڏيجي کي هدايتون ڏنيون ته ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڙي پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو وڃي، اهڙي ڊائريڪشن بعد درخواستگذار ۽ سندس وڪيل ڪوٽڏيجي مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پهتا پر مئجسٽريٽ موڪل تي هجڻ سبب ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي، هوڏانهن ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي انويسٽيگيشن پوليس ناري جي ڀائرن ربنواز ۽ مبين اڄڻ کي ٿاڻي تي گهرائي بيان رڪارڊ ڪيا. واضح رهي ته درگاهه پير ڪٽڪپال تي پنهنجي ماءُ سان گڏ ويل ناري روبينا اڄڻ جو ڪنڊيارو ڀرسان روهڙي ڪئنال مان لاش مليو هو، لاوارث ڄاڻائي لاش دفنايو ويو هو.