شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ٿاڻي تي مئجسٽريٽ جو ڇاپو، باندي ڳوٺاڻو بازياب نه ٿيو، ٿاڻي جو انچارج سڀاڻي طلب ان ڏس ۾ پوليس پاران ڳوٺاڻي کي مبينا ناحق باندي بڻائڻ جي الزام هيٺ مئجسٽريٽ عدالتي حڪم ملڻ بعد ٿاڻي تي ڇاپو هنيو پر باندي ڳوٺاڻو هٿ نه اچي سگهيو. فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مسٽر شفيق احمد کرل ٿاڻي تي ڇاپو هڻي لاڪپ سميت سموري ٿاڻي جي چڪاس ڪئي پر باندي ڄاڻايل ڳوٺاڻو ممتاز رند هٿ نه اچي سگهيو. ان حوالي سان ڳوٺ تڳيو رند واسڻ عورت مسمات فريده رند پنهنجي وڪيل ايڊوڪيٽ شبير عمراڻي معرفت سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته شھدادپور پوليس سندس ڏير ممتاز رند کي ٻه ڏينهن اڳ شھر مان گرفتار ڪري ناحق باندي بڻاڻي ظلم ڪري رهي آهي، عورت عدالت کي استدعا ڪئي ته فوري طور تي کيس آزاد ڪرايو وڃي. اهڙي درخواست عدالت سڳوري ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي شھدادپور جي مئجسٽريٽ کي ڇاپي جو حڪم ڏنو پر ڪا به بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي، باندي ڳوٺاڻو هٿ نه اچڻ تي معزز جج ٿاڻي جي انچارج کي رڪارڊ سميت سومر ڏينهن تي سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي روزنامچي ۾ انٽري رکڻ بعد واپس روانو ٿي ويو.