خيرپور (رپورٽر) 2022ع جي مڪاني چونڊن ۾ چونڊجي آيل تعلقه خيرپور جي 11 يوسين ۽ 3 ٽائون ڪاميٽين جي چونڊجي آيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن، ضلع ڪائونسل جي 88، ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي 29، ميونسپل ڪاميٽي ڪنگري جي 07، ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ جي 13 ميمبرن جي حلف برداري تقريب اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس خيرپور ۾ ٿي گذري. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه خيرپور ارسلان حيدر ڦلپوٽو چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ميمبرن کان سندن عھدن جو حلف ورتو. ان موقعي تي چونڊجي آيل چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي منشور تحت عوام جي خدمت کي جاري رکنداسين ۽ علائقن جا رهيل ترقياتي ڪم اولين بنيادن تي ڪرائينداسين. هوڏانهن پ پ جي ضلع خيرپور تي ضلعي چيئرمين، ٻن ميونسپل ڪاميٽين، 17 ٽائون ڪاميٽين جڏهن ته فنڪشنل مسلم ليگ جي خيرپور ضلعي جي کٽيل ھڪ ميونسپل ڪميٽي ۽ ٽن ٽائون تي چيئرمينن جي عھدن جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري درخواستون ڏيندڙ اميدوار پريشاني واري عالم ۾ آهن جڏهن ته خيرپور جي ضلعي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ايم پي اي نعيم کرل، ايم اين اي سيد فضل شاھه ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي پاسي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه پريس پڌرائي جاري ڪندي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل ميونسپل ڪاميٽي جي ڪائونسلرن، چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن کي حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڊاڪٽر نفيسه شاهه جو چوڻ آهي ته چونڊيل نمائندا چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي طرفان ڏنل مينڊيٽ مطابق عوام جي خدمت ڪندا، اميد آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي تمام چونڊيل نمائندا، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پنهنجي علائقي ۽ عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪندا. ڊاڪٽر نفيسه شاهه موجب پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي.